صوفي آزاد فقير

صوفي آزاد فقير

صوفي آزاد فقير

صوفي آزاد فقير: مشهور فنڪار صوفي آزاد فقير ولد ڦتُو، 1949ع ڌاري، ڳوٺ شاهه محمد جمالي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ راڳ جي بنيادي سکيا فقير يار محمد مري سانگهڙ واري کان ورتي.1995ع ڌاري فضل فقير جي سُنگ ۾، ثقافت کاتي طرفان کين برطانيا جي لنڊن، بريڊ فورڊ ۽ گلاسگو ۾ پنهنجي فن پيش ڪرڻ جو موقعو مليو. سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن ميلن ۾ پنهنجو فن پيش ڪري چڪو آهي. ملڪ کان ٻاهر هندستان جي جوڌپور، بمبئي، ڀوپال، آگرا، دهلي، مَٿُرا، هَري دُوار، اجمير ۽ ٻاڙمير ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هن وقت ٽنڊي الهيار ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ صوفي آزاد فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو